انتهائي ڏکوئيندڙ، ماءُ جي بي ڌياني سبب ڪُتن سان گڏ رهندڙ ٻار ڳالهائڻ بدران ڀونڪڻ لڳو!

بينڪاڪ (ويب ڊيسڪ) ٿائلينڊ جي ضلعي لاپلائي ۾ هڪ گهر مان 8 ورهين جي اهڙي ٻار کي ريسڪيو ڪيو ويو، جيڪو مڪمل اڪيلائي ۾ رڳو 6 ڪتن سان گڏ رهندو هو ۽ ڳالهائڻ بدران ڀوڪندو هو.
پرڏيهي ميڊيا موجب ٿائي اين جي او ۽ اختيارين اسڪول پرنسپال ۽ علائقي واسين جي اطلاع تي هڪ زبون حال گهر تي ڇاپو هنيو، جتان 6 ڪتن سان گڏ رهندڙ هڪ ٻار کي ريسڪيو ويو.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب ٻار جي ماءُ منشيات جي عادي آهي، جيڪو روز ٻار کي ڪاٺ سان ٺهيل پراڻي گهر ۾ ڪيترائي ڪلاڪ ڪتن سان گڏ ڇڏي کاڌي جي ڳولا لاءِ نڪري پوندي هئي.
ريسڪيو ڪيل ٻار ٻن سالن کان اسڪول نه ڪيو هو، هو ڪنهن دوست ۽ نگران بنا رڳو ڪتن جي صحبت ۾ پلجندو رهيو ۽ اهو ئي سبب هو جو ان به ڪتن جي نقل ڪندي ڳالهائڻ لاءِ ڀونڪڻ شروع ڪري ڇڏيو.
رپورٽن موجب ٻار جي ماءُ ۽ 23 ورهين جو ڀاءُ ٻئي منشيات جا عادي آهن، حڪومت طرفان عورت کي ٻار جي تعليم لاءِ 400 ڀارت جي سبسڊي فراهم ڪئي وئي پر ان باوجود ٻار کي ڪڏهن اسڪول ۾ داخل نه ڪرايو ويو.
ماءُ جي بري رويي ۽ منشيات واپرائڻ سبب پاڙيسرين به ٻار کي پاڻ سان گڏ رکڻ مناسب نه سمجهيو، نتيجي ۾ ٻار ڪڏهن سماجي نه ٿيو، ايتري تائين جو ڳالهائڻ به نه سکي سگهيو.
ريسڪيو آپريشن جي قيادت ڪندڙ عورت ٻڌايو ته ٻار ڳالهائڻ بدران رڳو ڀونڪي ٿو، جنهن کي ڏسي ڏاڍو افسوس ٿئي ٿو پر هاڻ ٻار کي شيلٽر هوم منتقل ڪيو ويو آهي، جتي ان جي سٺي سار سنڀال ڪئي پئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.