لاهور (ويب ڊيسڪ) قومي ٽيم جي آل رائونڊر شاداب خان جي ڪُلهي جي ڪامياب سرجري ٿي وئي.
پنهنجي سوشل ميڊيا پيغام ۾ شاداب خان مداحن کي اطلاع ڏنو ته سندس سرجري ڪاميابي سان مڪمل ٿي وئي آهي.
هن لکيو ته ”الحمد الله منهنجي سرجري ڪامياب رهي، هاڻ منهنجو ايندڙ مرحلو ريڪوري ۽ ري هيب جو آهي.
شاداب خان مداحن کي دعائن جي اپيل ڪندي لکيو ته توهان سڀني جي دعائن ۽ حمايت جا ٿورا، مهرباني ڪري جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪيو.
You might also like