پڇڙي وارن کي پاڻي نٿو ملي، سمنڊ زمينون ڳڙڪائي رهيو آهي: جونيئر ذوالفقار

لاڙڪاڻو (رپورٽ: عبدالوحيد  ابڙو) جونيئر ذوالفقار ڀٽو سپاف شهيد ڀٽو اڳواڻ عاقب علي ڪاٺيو پاران نياز امام حسين عليه سلام ڪرڻ تي لاهوري محلا ۾ شرڪت ڪئي، جونيئر ذوالفقار ڀٽو جي پهچڻتي عام شهرين ۽ ڪارڪنن محبتن سان استقبال ڪيو، بعد ۾ جونيئر ذوالفقار ڀٽو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته محرم الحرام جي سلسلي ۾ پوليس ۽ ٻين ادارن کي بهتر سيڪيورٽي ڪرڻ گهرجي، جتي نياز ۽ سبيلون هلن ٿيون اتي سيڪيورٽي وڌائي وڃي، هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ٻلهڻ ناياب نسل آهي، ان جو تحفظ ٿيڻ گهرجي، جڏهن ته اسان وٽ هر سال پاڻي جي کوٽ ٿيندي ٿي وڃي، اسان کي سمورو نظام تبديل ڪرڻو آهي، اسلام ۾ به اهو آهي ته پهريان حق پڇڙي وارن جو آهي، اسان وٽ پڇڙي وارن کي پاڻي نٿو ملي جنهن سبب سمنڊ اسان جون زمينون ڳڙڪائي رهيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.