ڪراچي(رپورٽر) نيشنل بزنس گروپ پاڪستان جي چيئرمين، پاڪستان بزنس مين اينڊ انٽليڪچوئلز فورم ۽ آل ڪراچي انڊسٽريل الائنس جي صدر، ايف پي سي سي آءِ پاليسي ايڊوائيزري بورڊ جي چيئرمين ۽ اڳوڻي صوبائي وزير ميان زاهد حسين چيو آهي ته تيل ۽ گئس جي قيمتن ۾ تازو ٿيل واڌ سبب عوام ۽ ڪاروباري برادري جي پريشاني ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، بجيٽ ۾ ٽيڪسن جي واڌ کان پوءِ تيل ۽ گئس جي قيمتن ۾ واڌ پاڪستاني معيشت ۽ عوام ٻنهي لاءِ خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿي، ايران ۽ اسرائيل جي وچ ۾ تازي جنگ کان پوءِ عالمي سطح تي خام تيل جون قيمتون مستحڪم نظر اچي رهيون آهن پر پاڪستان ۾ تيل ۽ گئس جي قيمتن ۾ نمايان واڌ ڪيترن ئي سوالن کي جنم ڏئي رهي آهي، حڪومت پنهنجي آمدني وڌائڻ لاءِ توانائي جي قيمتن کي آسان هدف بڻايو آهي ۽ پيٽروليم ليوي ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي.