سوات سانحو: ڪشمنر مالاڪنڊ جا درياهه جو رخ موڙڻ سميت جاچ رپورٽ ۾ ڇرڪائيندڙ انڪشاف

سوات (ويب ڊيسڪ) سوات درياهه ۾ پيش آيل سانحي بابت هڪ اهم انڪشاف سامهون آيو آهي، مالاڪنڊ جي ڪمشنر جي جاچ رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته سوات ۾ پيش آيل سانحي کان اڳ حفاظتي بندن جي مضبوطي لاءِ درياهه جو رخ موڙيو ويو هو.
رپورٽ ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته متاثر سياح صبح 9 لڳي 31 منٽ تي درياهه ۾ ويا ۽ 14 منٽ کانپوءِ 9 لڳي 45 منٽ تي پاڻي جي سطح وڌي وئي.
رپورٽ موجب، ريسڪيو اهلڪار 20 منٽ دير سان 10 لڳي 5 منٽ تي واقعي واري هنڌ پهتا.
ٻئي پاسي سوات درياهه ۾ ٻڏي وڃڻ کان پوءِ گم ٿيل نينگر جي ڳولا لاءِ ريسڪيو ۽ سرچ آپريشن ستين ڏينهن به جاري رهيو.
ريسڪيو اختيارين موجب، هن وقت تائين 12 ماڻهن جا لاش ڪڍيا ويا آهن.
ڊي جي پي ڊي ايم اي جو انڪوائري ڪميٽي آڏو بيان
صوبائي ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (پي ڊي ايم اي) انڪوائري ڪميٽي کي ٻڌايو ته 23 جون تي ضلعي انتظاميا کي برساتن بابت الرٽ جاري ڪيو ويو هو، جنهن ۾ پشاور ۽ سوات سميت صوبي جي مختلف ضلعن ۾ 25 جون کان تيز برساتن جي اڳڪٿي ڪئي وئي هئي.
ڊي جي پي ڊي ايم اي موجب، ته سوات، دير، ڪوهستان ۽ شانگلا جي مقامي نئن، نالن ۾ اوچتو ٻوڏ جي خطري بابت ضلعي انتظاميا کي خبردار ڪيو ويو هو ۽ مشينري جي دستيابي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي وئي هئي.
ڊي جي پي ڊي ايم اي جو هو ته صوبي جي هڙني ضلعن جي انتظاميا کي 46 ڪروڙ رپين جا فنڊ جاري ڪيا ويا هئا ۽ ضلعي انتظاميا جي ڊمانڊ تي امدادي سامان پڻ مهيا ڪيو ويو هو، جڏهن ته پي ڊي ايم اي پنهنجو ڪم وقت تي مڪمل ڪيو هو.
ياد رهي ته 26 جون تي سوات درياهه ۾ اوچتو چاڙهه سبب 17 ماڻهو ٻڏي ويا هئا، جن مان 4 کي بچايو ويو هو، جڏهن ته 12 جا لاش مليا آهن ۽ هڪ شخص جي ڳولا اڃا تائين جاري آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.