آستانا (ويب ڊيسڪ) قازقستان ۾ عوامي هنڌن تي نقاب تي پابندي لڳائي وئي آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب قازقستان جي صدر قاسم جومارت توقايف سومر ڏينهن عوامي هنڌن تي چهري کي لڪائيندڙ لباس پائڻ تي پابندي جي بل تي صحيحون ڪيون.
بل ۾ چيو ويو آهي ته چهري جي سڃاڻپ ۾ مداخلت ڪندڙ لباس تي عوامي سطح تي پابندي لاڳو ڪئي ويندي.
واضح رهي ته سال 2024 ۾ مسلم اڪثريتي ملڪ تاجڪستان ۾ به سرڪاري طور تي حجاب تي پابندي لاڳو ڪئي وئي هئي، جڏهن ته ان کان اڳ ازبڪستان ۽ ڪرغزستان ۾ به اهڙي قسم جون پابنديون لاڳو ٿي چڪيون آهن.
You might also like