” آپريشن بنيان مرصوص“ تي فلم، امر خان ايئر وائس مارشل جي ڪردار لاءِ ڪهڙي اداڪار کي فٽ قرار ڏنو؟

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڀارتي جارحيت ۽ مودي حڪومت جي جنگي جنون جي خاتمي لاءِ پاڪ فوج طرفان شروع ڪيل ڪيل آپريشن ”بنيان مرصوص“ جي ڪاميابيءَ جي گونج اڃا تائين ٻڌي سگهجي ٿي.
ان آپريشن ۾ پاڪ ايئرفورس ايئر وائس مارشل اورنگزيب احمد پنهنجي قائداڻي صلاحيتن ۽ ڀارت کي مُنهن ٽوڙ جواب ڏيڻ سبب پاڪستان جو ”نيشنل ڪرش“ بڻجي ويو،
دشمن خلاف حق جي معرڪي ۾ لازوال فتح کانپوءِ ايئر وائس مارشل اورنگزيب احمد ميڊيا توڙي سوشل ميڊيا تي ڪيترن ئي ڏينهن تائين ٽرينڊ ڪندو رهيو.
ان کانسواءِ سوشل ميڊيا واهپيدارن مشهور فلم ڊائريڪٽر نبيُل قريشي کان مطالبو ڪيو ته هو ”بنيان مرصوص“ تي فلم ٺاهي ۽ ان سان گڏوگڏ ڪيترن ئي پاڪستاني اداڪارن جا نالا به تجويز ڪيا ويا ته ڪير ڪير ان فلم ۾ ڪهڙو ڪردار نڀائي سگهي ٿو.
ان ڏس ۾ تازو ئي پاڪستاني اداڪارا امر خان نجي ٽي وي چئنل جي پوڊ ڪاسٽ جي مهمان بڻي.
انٽرويوءَ دوران ميزبان کائنس پڇيو ته جيڪڏهن ”آپريشن بنيان مرصوص“ تي فلم ٺهي ته توهان جي نظر ۾ ايئر وائس مارشل اورنگزيب احمد جو ڪردار ڪهڙو اداڪار نڀائي سگهي ٿو؟
امر خان ان سوال جي جواب ۾ چيو ته اداڪار فواد خان جي صورت ۽ نيڻ نقش ايئر وائس مارشل اورنگزيب احمد سان ملن ٿا، تنهنڪري اِهو ڪردار کيس ملڻ گهرجي ۽ هو اِهو ڪردار بهتر نموني نڀائي سگهي ٿو.
ياد رهي ته آپريشن بنيان مرصوص تحت پاڪستان ڀارت اندر ڪيترن ئي اهم هدفن کي نشانو بڻايو، جن ۾ اُڌم پور، پٺاڻ ڪوٽ، سرسا ايئر بيسز، سورت گڙهه ايئر فيلڊز، براهموس اسٽوريج سائيٽ، ڀارتي بريگيڊ هيڊڪوارٽر جي ٽاپ، ۽ اُڙي ۾ سپلائي ڊپو سميت 12 اهم هدف تباهه ڪيا ويا هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.