منهنجي خيال ۾ مائنس عمران خان ٿي چڪو آهي: عليما خان

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ باني جي ڀيڻ عليما خان چيو آهي ته ڪي پي حڪومت کي بجيٽ پاس ڪرڻ جي ڪهڙي تڪڙ هئي؟ انهن ٻه ڏينهن انتظار به نه ڪيو، منهنجي خيال ۾ مائنس عمران خان ٿي چڪو آهي.
اڊيالا جيل ٻاهران صحافي عليما خان کان سوال ڪيو ته ڇا مائنس عمران خان ٿي چڪو آهي؟ عمران خان چيو هو ته بجيٽ سندس منظوري بنا پاس نه ٿيندي، هاڻ ٿي وئي آهي، ان تي عليما خان ڪجهه دير سوچڻ کانپوءِ چيو ته منهنجي خيال ۾ ٿي ويو آهي.
صحافي ٻيو سوال ڪيو ته ڪي پي اسيمبلي جا ميمبر چون ٿا ته علي امين گنڊاپور گهڻو طاقتور آهي، اسان کيس انڪار نٿا ڪري سگهون؟ ان تي عليما خان چيو بار نٿا کڻي سگهو ته گهر هليا وڃو.
واضح رهي ته خيبر پختونخواهه اسيمبلي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جي عمران خان سان ملاقات بنا ئي بجيٽ منظور ڪري ورتي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.