ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار چيو آهي ته پوليس کاتي ۾ ايمانداري سان ڀرتيون ٿيون آهن.
ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ضياءُ الحسن لنجار چيو ته اسان وٽ پوليس اهلڪارن جو انگ هڪ لک 71 هزار 41 آهي، 153.78 بلين رپيا پگهارن جي مد ۾ خرچ ٿيندا آهن.
هن چيو ته ڪراچي ۾ 8 هزار کان وڌيڪ منشيات فروشن کي گرفتار ڪيو ويو، چاهيون ٿا ته ڪراچي سيف سٽي گهٽ وقت ۾ ٺهي وڃي، سيف سٽي سکر لاءِ به هن سال پيسا رکيا آهن، لاڙڪاڻي، حيدرآباد، ميرپورخاص ۾ به سيف سٽي منصوبو آڻينداسين.
سندس چوڻ هو ته ٽريفڪ قانونن جي پابندي لاءِ ايڪٽ آڻي رهيا آهيون، ان قانون ۾ اي چالان متعارف ڪرايو پيو وڃي، باڊي ڪيم پوليس انچارجز کي ڏينداسين.
Next Post
You might also like