تل ابيب (ويب ڊيسڪ) اسرائيلي وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو چيو آهي ته سوچيو، جيڪڏهن ايران وٽ ايٽمي هٿيار هجن ها ته هن مهل تائين ڇا ٿي چڪو هجي ها؟
نيتن ياهو بيت يام شهر مان هڪ وڊيو پيغام ۾ چيو ته اسان هتي ان ڪري موجود آهيون، ڇو ته اسان پنهنجي وجود جي بقا جي مهم ۾ آهيون، جيڪا اڄ هر اسرائيلي شهري تي واضح ٿي چڪي آهي، سوچيو! جيڪڏهن ايران وٽ اهڙا ايٽمي هٿيار هجن ها، جيڪي هو اسرائيلي شهرن تي ڪيرائي سگهي ها يا جيڪڏهن ايران وٽ 20 هزار ميزائل هجن ها ته پوءِ ڇا ٿي چڪو هجي ها؟
هن چيو ته ايران اسان جي شهرين کي ڄاڻي واڻي قتل ڪيو آهي، جنهن جي ان کي انتهائي ڳري قيمت ادا ڪرڻي پوندي، اسان پنهنجا هدف ضرور حاصل ڪنداسين ۽ پوري طاقت سان حملو ڪنداسين، هو اسان جي طاقت کي محسوس ڪندا.
سندس چوڻ هو ته مان اسرائيلي قوم طرفان هتي ٿيندڙ جاني نقصان تي افسوس جو اظهار ڪيان ٿو ۽ ميزائل حملن دوران شهرين کي هوم فرنٽ ڪمانڊ جي هدايتن تي عمل ڪرڻ جي درخواست ڪيان ٿو.
سوچيو، جيڪڏهن ايران وٽ جوهري هٿيار هجن ها ته هيل تائين ڇا ٿي چڪو هجي ها؟ نيتن ياهو
Next Post
You might also like