گرمي کان پريشان ڪراچي واسين لاءِ خوشي جي خبر

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سخت گرمي سبب پريشان ڪراچي واسين لاءِ سٺي خبر سامهون اچي وئي.
موسميات کاتي جي ارلي وارننگ سينٽر اڳڪٿي ڪئي آهي ته سومر ڏينهن ڪراچي ۾ کنوڻ ۽ گجگوڙ سان هلڪي کان وچولي درجي جي برسات جو امڪان آهي.
موسمياتي ماهرن جو چوڻ آهي ته هڪ اولهه هوائن جو سسٽم ملڪ جي مٿين علائقن ڏانهن وڌي رهيو آهي، جنهن جي اثر هيٺ سنڌ جي اوڀر حصن ۾ به گهم واريون هوائون داخل ٿي رهيون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.