لاهور (ويب ڊيسڪ) ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ٽنهي فارميٽن لاءِ هڪ ئي ڪپتان مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
ذريعن موجب هيڊ ڪوچ مائيڪ هيسن جي مشاورت کانپوءِ ٽنهي فارميٽن جو هڪ ئي ڪپتان مقرر ڪرڻ جو امڪان آهي.
ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته آل رائونڊر سلمان علي آغا سليڪشن ڪميٽي، نئين هيڊ ڪوچ ۽ پي سي بي چيئرمين محسن نقوي کي متاثر ڪرڻ ۾ ڪامياب رهيو آهي ۽ کيس ٽنهي فارميٽن جو ڪپتان بڻائڻ جو امڪان آهي.
ذريعن موجب عيد جي موڪلن کانپوءِ سلمان علي آغا کي ٽنهي فارميٽن جو ڪپتان بڻائڻ جو اعلان ڪيو ويندو.
You might also like