ڊراما ڊائريڪٽر نظام الدين گيلاني اسلام آباد ۾ قتل

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) هم ٽي وي نشر ٿيندڙ ڊرامي سيريل ”نيم“ جو اسسٽنٽ ڊائريڪٽر نظام الدين گيلاني فائرنگ جي واقعي ۾ مارجي ويو.
اربع ڏينهن اسلام آباد ۾ نظام الدين گيلاني کي مبينا طور سندس ڪزن فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو.
پوليس موجب واقعي جي شروعاتي رپورٽ داخل ڪري ورتي آهي ۽ جوابدار جي سڃاڻپ به ڪئي وئي آهي پر قتل جا ڪارڻ معلوم ناهن ٿي سگهيا، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.