ٽن ٻارن کي زهر ڏئي مارڻ جي ڪيس ۾ ڏاڏي گرفتار

نوشهرا (ويب ڊيسڪ) نوشهرا ۾ ٽن ٻارن کي زهر ڏئي مارڻ جي ڪيس ۾ ڏاڏيءَ کي گرفتار ڪيو ويو.
گرفتار عورت جي پٽ عدالت ۾ ماءُ خلاف بيان رڪارڊ ڪرائي ڇڏيو.
نوشهرا ۾ ايڊيشنل سيشن جج جي عدالت ۾ بيان ڏيندي ٻارن جي پيءُ چيو ته ماءُ کي منهنجي گهرواري پسند نه هئي، هن کيس زهر ڏئي مارڻ جي ڪوشش ڪئي پر اهو کاڌو ٻارن به کائي ڇڏيو.
عورت جي پٽ چيو ته زهريلو کاڌو کائڻ کانپوءِ منهنجي زال ته بچي وئي پر ٻار نه بچي سگهيا.
پوليس ٻارن جي ڏاڏيءَ کي گرفتار ڪري ورتو، زهر ڏيڻ جو واقعو 19 مئي تي پيش آيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.