نيو يارڪ (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان 6 ڀارتي جهاز ڪيرايا، ڀارتي حڪومت کي اهو مڃڻ ۾ هڪ مهينو لڳي ويو ته اسان انهن جا جهاز ڪيرايا هئا.
نيو يارڪ ۾ گڏيل قومن جي هيڊڪوارٽر ۾ چيني ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسان جنگ بندي لاءِ به عالمي برادري جي شرڪت تي ڀاڙيو، ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري ذريعي اسين ڪنهن به مسئلي جو حل ڪڍي سگهون ٿا.
هن چيو ته جيڪڏهن عالمي برادري ساڳي ريت پنهنجو ڪردار ادا ڪري ته ڏکڻ ايشيا ۾ مستقل امن قائم ٿي سگهي ٿو، پاڪستان ڀارت سان ڳالهه ٻولهه لاءِ تيار آهي، اسين امن چاهيون ٿا پر امن تڏهن ممڪن آهي جڏهن ڳالهين جو عمل جاري هجي.
سندس چوڻ هو ته ڀارت جي انڪار جي نتيجي ۾ صورتحال پائدار ناهي رهي، ان ڪري اسين عالمي برادري سان رابطو ڪري رهيا آهيون ته هو امن قائم ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن ۽ ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ مدد فراهم ڪن.
پ پ چيئرمين چيو ته مستقل جنگ بندي لاءِ اسين عالمي برادري کان اپيل ڪريون ٿا ته هو پنهنجو ڪردار ادا ڪن، پاڪستان اڳ ئي چئي چڪو آهي ته ڳالهين لاءِ تيار آهيون، رڳو ڀارت ئي اهڙو ملڪ آهي، جيڪو چوندو ٿو رهي ته هو ڳالهين لاءِ تيار ناهي.
هن چيو ته ڀارت پنهنجن ماڻهن حقيقت ڇو لڪائي؟ ڇاڪاڻ ته سچ هي آهي ته ڀارت جنگ هارائي ويو. پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ جنگ ڪنهن کٽي؟ آسان جواب هي آهي ته ڏسو ڪير پنهنجي ماڻهن سان ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهي؟ ڪهڙي ميڊيا پنهنجن ماڻهن کي گمراهه ڪري رهيو هئي؟ ڪهڙي حڪومت تڪرار دوران ۽ ان کانپوءِ به پنهنجي ماڻهن سان ڪوڙ ڳالهائي رهي هئي؟
بلاول ڀٽو زرداري اپيل ڪئي ته عالمي برادري پاڻي جي تڪرار جي حل لاءِ ڪردار ادا ڪري، دهشتگردي جي موضوع تي به مناسب ڳالهه ٻولهه لاءِ عالمي برادري پنهنجو ڪردار ادا ڪري ۽ سڀ کان اهم ۽ امڪاني ڪاميابي ڳالهين جي شروعات سان حاصل ٿيندي.
جيئن عالمي برادري جنگبندي ڪرائي، ائين ڏکڻ ايشيا ۾ مستقل امن لاءِ ڪردار ادا ڪري: بلاول
Prev Post
Next Post
You might also like