” جنرل مشرف بابي کي خط لکيو هو“ عدنان سميع ڀارتي شهريت وٺڻ جو اصل ڪارڻ ٻڌائي ڇڏيو

ممبئي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني شهريت ڇڏي ڀارتي شهريت ڇو ورتي، گلوڪار عدنان سميع خان اٽڪل هڪ ڏهاڪي کانپوءِ پهريون ڀيرو سمورو سچ ٻڌائي ڇڏيو.
عدنان سميع جنهن کي ڊسمبر 2015 ۾ ڀارتي شهريت ڏني وئي هئي،ان کان اڳ هو پاڪستان جو شهري هو، پاڪستان ۾ ڄائو، اتي ئي وڏو ٿيو ۽ موسيقي جي دنيا ۾ شهرت حاصل ڪئي.
تازو ئي عدنان سميع ڀارتي ٽي وي شو ” آپ ڪي عدالت “۾ شرڪت ڪئي، جتي هن پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ تڪرارن ۽ ۽ ڇڪتاڻ به تفصيلي ويچار ونڊيا، ان دوران ڪيترائي ڀيرا پروگرام ۾ موجود ماڻهن ۽ ٽي وي تي ڏسندڙن خوش ڪرڻ لاءِ پاڪستان خلاف سخت جملا پڻ ڳالهايا.
هن انڪشاف ڪيو ته 2005ع ۾ پاڪستان جي تڏوهڪي صدر جنرل پرويز مشرف سندس پيءُ کي خط لکي افسوس جو اظهار ڪيو هو ته سندس پٽ پاڪستاني شهريت ڇڏي ڏني آهي، جڏهن ته سچ اِهو آهي ته تيستائين کيس ڀارتي شهريت ملي ئي نه هئي، پر صدر کي غلط ڄاڻ ڏني وئي.
عدنان سميع ٻڌايو ته ان واقعي کانپوءِ پاڪستاني اختيارين جو ساڻس رويو ڏاڍو خراب ٿي ويو، جڏهن ته ان وقت سندس پاڪستاني پاسپورٽ جو مدو ختم ٿي چڪو هو ۽ نئون پاسپورٽ وٺڻ لاءِ دهليءَ ۾ پاڪستاني هاءِ ڪمشن ۾ درخواست ڏني، پر کيس پاسپورٽ جاري نه ڪيو ويو.
سندس چوڻ هو ته پاڪستان طرفان نئون پاسپورٽ جاري نه ڪرڻ سبب هو قانوني طور تي ڀارت ۾ به نه پيو رهي سگهي.
هن ٻڌايو ته پاڪستان جي پرڏيهي کاتي جي هڪ اعليٰ عملدار جيڪو سندس والد جو دوست پڻ هو، کيس چيو ته پاسپورٽ جاري نه ٿيندو ۽ جيڪڏهن هو پاڪستان موٽيو ته ڇا ٿيندو، ان جو اندازو به نٿو لڳائي سگهي، تڏهن عدنان سميع ڀارتي گهرو کاتي سان رابطو ڪري ويزا وڌائڻ ۽ شهريت لاءِ درخواست ڏني.
عدنان سميع ٻڌايو ته سندس شهريت جي درخواست ٻه ڀيرا رد ڪئي وئي، پر 2015ع ۾ کيس ڀارت جي حڪومت طرفان” انڊين سٽيزن شپ ايڪٽ 1995ع “جي سيڪشن 6 تحت شهريت ڏني وئي، جنهن تحت فن، سائنس يا راندين ۾ نمايان ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ ماڻهن کي شهريت ڏني ويندي آهي.
هن اهو به چيو ته پاڪستاني حڪومت ڪڏهن به سندس عزت نه ڪئي نه ئي ڪڏهن ڪو سرڪاري اعزاز يا انعام سان ڏنو، جڏهن ته ڀارت نه رڳو کيس مڃتا ڏني پر سرڪاري ايوارڊ سان به نوازيو.
عدنان سميع اهو تاثر رد ڪيو ته هن پئسن جي لالچ ۾ ڀارتي شهريت ورتي.
هن دعويٰ ڪئي ته پاڪستان ۾ پنهنجن ڪروڙين ماليت جي ملڪيت ڇڏي، ڀارت ۾ نئين سر ڪيريئر ۽ زندگي شروع ڪئي ۽ پنهنجو مقام پاڻ ٺاهيو.
شو دوران هن ڪيترائي ڀيرا پاڪستان خلاف سخت ٻولي پڻ استعمال ڪئي ۽ اهو به چيو ته پاڪستان ۾ فنڪارن سان حڪومتن جو رويو هميشه بي قدراڻو رهيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.