بنگلاديش خلاف سيريز، پاڪستاني اسڪواڊ ۾ اوچتو وڏي تبديلي

لاهور (ويب ڊيسڪ) بنگلاديش خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز جي شروعات کان اڳ پاڪستاني اسڪواڊ ۾ اهم تبديلي ڪئي وئي آهي، فاسٽ بولر محمد وسيم جونيئر جي جاءِ تي محمد عباس آفريدي کي ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو آهي.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ( پي سي بي) طرفان جاري ڪيل بيان موجب، ٽي ٽوئنٽي سيريز لاءِ اعلانيل 16 رڪني اسڪواڊ ۾ وسيم جونيئر کي سائيڊ اسٽرين انجري سبب آرام ڏنو ويو آهي، جڏهن ته سندس جاءِ تي عباس آفريدي کي شامل ڪيو ويو آهي.
محمد عباس آفريدي 20 ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل ميچن ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪري چڪو آهي، جنهن ۾ هو 33 وڪيٽون ورتيون آهن.
واضح رهي ته عباس آفريدي هلندڙ سال جي پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) سيزن دوران شاندار ڪارڪردگيءَ جو مظاهرو ڪندي 17 وڪيٽون حاصل ڪيون هيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.