جيڪو ڏاهو، باشعور ۽ مون سان سچو هوندو تنهن سان شادي ڪنديس: سونيا حسين

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) خوبرو اداڪارا ۽ ماڊل سونيا حسين شادي کانپوءِ اداڪاري ڇڏڻ بابت هڪ وڏو انڪشاف ڪيو آهي.
سونيا حسين اڄڪلهه پنهنجي ايندڙ فلم ” ديمڪ “ جي مشهوري مهم ۾ رڌل آهي، ان دوران هڪ انٽرويوءَ ۾ اداڪارا کان سندس شادي بابت پڇيو ويو.
اداڪارا جواب ڏيندي چيو ته هوءَ هڪ ڏاهي ۽ باشعور انسان سان شادي ڪندي جنهن کي رشتن جي اهميت جو پتو هجي، ساڻس سچو هجي، اهڙين خوبين وارو ڪو مليو ته هوءَ شادي ڪندي.
شاديءَ کانپوءِ اداڪاري ڇڏڻ واري سوال تي جواب ڏيندي سونيا حسين چيو ته ” مان هونئن به ڊگهي عرصي تائين اداڪاري نه ٿي ڪرڻ چاهيان، هاڻي مان پروڊڪشن جي شعبي ۾ اچي ويئي آهيان ۽ گهڻي ڀاڱي پروڊڪشن جو ڪم ئي ڪرڻ چاهيان ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.