اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ٽينس فيڊريشن جي صدر اعصام الحق قريشي جونيئر ڊيوس ڪپ ۾ پاڪستاني رانديگر ميڪائيل علي بيگ خلاف ڀارتي ميڊيا مهم تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته هڪ ننڍڙي ڪلپ واري معاملي کي ڀارتي ميڊيا من گهڙت بيانئي سان اينگهائي رهي آهي.
جاري ڪيل بيان ۾ اعصام الحق چيو ته ڀارتي ميڊيا طرفان ميڪائيل علي بيگ جي هٿ ملائڻ واري انداز کي اڻپوري وڊيو جي بنياد مسئلو بڻايو پيو وڃي، جڏهن ته حقيقت هيءَ آهي ته ميچ هارائڻ کانپوءِ ميڪائيل پاڻ تي ڪاوڙيل هو،
هن چيو ته ڀارتي ميڊيا گذريل ٽن، چئن هفتن کان اهڙي قسم جون حرڪتون ڪري رهي آهي.
سندس چوڻ هو ته ميڪائيل بيگ ڀارتي رانديگر کي به واضح طور چيو ته هو سندس خلاف نه آهي، پر پنهنجي ڪارڪردگي مان مايوس آهي.
اعصام الحق چيو ته پوري وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته پاڪستاني ٽيم جي ڪپتان شهزاد خان به ڀارتي ٽيم جي واکاڻ ڪئي، جڏهن ته ميڪائيل جي امڙ به ڀارتي رانديگر سان ملي کيس ”ويل پليڊ“ چيو
پي تي ايف جي صدر ڀارتي ٽينس فيڊريشن ۽ ميڊيا کي اڻپوري وڊيو جي بنياد تي واويلا ڪرڻ بدران پوري وڊيو ڏسڻ جي اپيل ڪئي آهي.
هن چيو ته جيڪڏهن ڪنهن قاعدي جي ڀڃڪڙي ٿي هجي ها ته پاڪستاني ٽيم تي ڏنڊ مڙهيو وڃي ها پر ائين نه ٿيو، ميچ کانپوءِ ٻنهي ٽيمن جي رانديگرن گڏجي تصويرون پڻ ڪڍرايون.
You might also like