ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ سون جي اگهه ۾ اڄ به وڏي لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، في تولو سون 3600 رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ 3 لک 47 هزار 900 رپين جو ٿي ويو آهي.
ايسوسيئيشن موجب، ڏهه گرام سون جي قيمت 3086 رپيا لاٿ کانپوءِ 2 لک 98 هزار 268 رپيا آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون 36 ڊالر سستو ٿيڻ کانپوءِ 3295 ڊالرز ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.