غزا (ويب ڊيسڪ) غزا جي سرڪاري ميڊيا آفيس پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته اسرائيلي فوج هيل تائين غزا پٽي جي ڪل جاگرافيائي ايراضيءَ جي 77 سيڪڙو حصي تي قبضو ڪري چڪي آهي.
غزا ميڊيا آفيس موجب اهو قبضو سڌي زميني چڙهائي، شهري علائقن ۾ قابض فوج جي مقرري، غير منصفاڻي جبري بي دخلي جي پاليسين ۽ ڳري بمباري جي ذريعي ڪيو ويو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ فلسطيني شهري پنهنجي گھرن، علائقن، زمينن ۽ ملڪيتن تائين رسائي کان محروم ٿي ويا آهن.
بيان ۾ گڏيل قومن ۽ عالمي برادري کان مطالبو ڪيو ويو آهي ته اسرائيلي جارحيت کي روڪڻ لاءِ ترت قدم کنيا وڃن.
سرڪاري ميڊيا آفيس جو چوڻ آهي ته اسرائيل جي جاري نسل ڪشي، جارحيت ۽ غزا پٽي تي وڏي پيماني تي قبضي جي ڪوشش عالمي قانونن ۽ اصولن جي کليل ڀڃڪڙي آهي، جيڪا طاقت جي زور تي غزا تي مڪمل قبضي واري اسرائيلي ارادي جي عڪاسي ڪري ٿي.
You might also like