راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه جي مختلف علائقن ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائين ۾ 9 ڀارتي اسپانسرڊ خارجي مارجي ويا.
آءِ ايس پي آر موجب ڊيرا اسماعيل خان ۾ ڀارتي اسپانسرڊ خارجين جي موجودگي جي ڳجهي اطلاع تي آپريشن ڪيو ويو ۽ خارجين جي ٺڪاڻي کي اثرائتي طريقي سان نشانو بڻايو ويو، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 4 خارجي مارجي ويا.
سيڪيورٽي فورسز ٻي ڪارروائي ٽانڪ ۾ ڪئي ۽ فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ٻه ڀارتي اسپانسرڊ خارجي مارجي ويا.
آءِ ايس پي آر موجب ٽين ڪارروائي خيبر جي علائقي باغ ۾ ڪئي وئي، جتي سيڪيورٽي فورسز ڀارتي اسپانسرڊ 3 خارجين کي ماري ڇڏيو.
آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته مارجي ويل خارجين وٽان هٿيار، گولا ۽ بارود به برآمد ڪيو ويو، اهي دهشتگردي جي ڪيترين ئي ڪارروائين ۾ ملوث هئا.
You might also like