ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ٻارن طرفان موبائل فون جي وڌندڙ استعمال سبب سنڌ جي تعليم کاتي سرڪاري اسڪولن جي شاگردن جي اکين جي ٽيسٽ ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
گهرن ۾ ٻارن طرفان موبائل فون جي وڌندڙ استعمال کي ڏسندي سڄي صوبي جي سرڪاري اسڪولن ۾ شاگردن جي اکين جي ٽيسٽ ڪرائي ويندي.
ان حوالي سان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ”وزن فار ايجوڪيشن فائونڊيشن“ اکين جو معائنو ڪندي.
تعليم کاتي ڪراچي ڊويزن سميت سڀني ضلعن ۾ ڊائريڪٽرز پرائمري ايليمينٽري، سيڪنڊري ۽ هائير اسڪولن کي خط جاري ڪري ڇڏيا آهن.
نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته ٻارن جي اکين جي صحت تعليمي ميدان ۾ ضروري آهي، تنهن ڪري سڀني شاگردن جي اکين جي ٽيسٽ کي يقيني بڻايو وڃي ته جيئن ڪنهن به امڪاني بيماري ۽ نظر جي ڪمزوري جي صورت ۾ سڃاڻپ ۽ علاج فراهم ڪري سگهجي.
You might also like