ابوظهبي (ويب ڊيسڪ) گڏيل عرب امارتن ۾ گرمي جو 16 سال پراڻو رڪارڊ ٽٽي ويو.
اماراتي موسمياتي مرڪز جي انگن اکرن موجب سويحان ۾ گرمي پد 51.6 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.
رپورٽ موجب يو اي اي ۾ مئي ۾ گرمي جو 16 سالن جو رڪارڊ ٽٽو آهي، گذريل ڏينهن ابوظهبي ۾ گرمي پد 50.4 ڊگري سينٽي گريڊ هو.
اماراتي موسمياتي مرڪز موجب مئي 2009 ۾ سڀ کان وڌيڪ گرمي پد 50.2 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو هو.
You might also like