ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ (بي سي سي آءِ) انگلينڊ خلاف پنج ٽيسٽ ميچن جي سيريز لاءِ ٽيم ۽ نئين ڪپتان جو اعلان ڪري ڇڏيو.
بي سي سي آءِ طرفان شُڀمَن گِل کي ڀارتي ٽيسٽ ٽيم جو نئون ڪپتان مقرر ڪيو ويو آهي
ڀارتي سليڪٽرن طرفان انگلينڊ خلاف اهم سيريز لاءِ اعلانيل ڀارتي اسڪواڊ ۾ شُڀمَن گِل گل (ڪپتان)، رشڀ پنت (نائب ڪپتان)، ياشسوي جئسوال، ڪي ايل راهول، ساءِ سُڌرشن، اڀيمنيو ايسوران، ڪرن نائر، نتيش ڪمار ريڊي، رويندر جاڙيجا شامل ڪيو ويو.
ان کانسواءِ ڌرو جوريل، واشنگٽن سُندر، شاردل ٺاڪر، جسپريت بمرا، محمد سراج، پرسيڌ ڪرشنا، آڪاش ديپ، ارشديپ سنگهه، ڪلديپ يادو به اسڪواڊ جو حصو آهن.
ساءِ سُڌرشن کي پهريون ڀيرو ڀارتي ٽيسٽ ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ان فارم تجربيڪار بيٽر شرياس اَئير شرياس کي نظرانداز ڪيو ويو آهي، فاسٽ بالر محمد شامي فٽنيس مسئلن سبب ٽيم ۾ جاءِ نه ٺاهي سگهيو.
هي سيريز آءِ سي سي ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ 2025-27سائيڪل جو حصو آهي.
واضح رهي ته ڀارت ۽ انگلينڊ وچ ۾ پنجن ٽيسٽ ميچن جي سيريز ايندڙ مهيني ويهه جون کان شروع ٿيندي، ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٻي ٽيسٽ ميچن ٻه جولاءِ تي لارڊز جي تاريخي ميدان تي کيڏي ويندي.
ڏهه جولاءِ تي مانچيسٽر جي اولڊ ٽريفورڊ جي ميدان تي ٻئي ٽيمون ٽيِن ٽيسٽ ميچ لاءِ ميدان تي لهنديون، 23 جولاءِ تي برمنگهم جي ايجبسٽن تي ٻنهي ٽيمن وچ ۾ چوٿين ٽيسٽ ميچ شيڊيول آهي، جڏهن ته سيريز جي پنجين ۽ آخري ميچ 31 جولاءِ تي لنڊن جي اوول ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندي.