پاڪ-بنگلاديش ٽي ٽوئنٽي سيريز، پي سي بي ٽڪيٽن جي قيمتن جو اعلان ڪري ڇڏيو

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) پاڪستان ۽ بنگلاديش جي وچ ۾ ٽن ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز لاءِ ٽڪيٽن جي وڪري جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
پي سي بي جي جاري ڪيل بيان موجب، لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ 28 مئي کان پهرين جون تائين کيڏي ويندڙ ٽن ميچن لاءِ ٽڪيٽن جو وڪرو 25 مئي کان شروع ٿيندو.
پي سي بي موجب، ٽڪيٽون رڳو ٽي سي ايس ايڪسپريس سينٽرن تي موجود هونديون، جن مان پهرئين مرحلي ۾ ٽڪيٽون آچر کان ڊيوس روڊ ۽ گلبرگ لاهور ۾ قائم ٽي سي ايس ايڪسپريس سينٽرن تي دستياب هونديون.
پي سي بي تماشائين لاءِ ميچن جون مناسب قيمتون مقرر ڪيون آهن، جن تحت قذافي اسٽيڊيم ۾ جنرل انڪلوزر (حنيف محمد، امتياز احمد، انضمام الحق، ۽ سعيد احمد) جي ٽڪيٽ ٻه سئو رپين ۾ ملندي.
فرسٽ ڪلاس انڪلوزرز جي ٽڪيٽ ٽه سئو، وي آءِ پي انڪلوزرز جي ٽڪيٽ پنج سئو رپين ۾ دستياب هوندي، جڏهن ته وي وي آءِ پي انڪلوزرز جي ٽڪيٽ لاءِ ٻه هزار رپيا ادا ڪرڻا پوندا. تماشائين لاءِ گيلري (هاسپٽيلٽي باڪس) مان ميچ ڏسڻ جو به انتظام آهي، جنهن جي قيمت به ٻه هزار رپيا مقرر ڪئي وئي آهي.
ياد رهي ته پاڪستان-بنگلاديش ٽي ٽوئنٽي سيريز جو پهريون ميچ 28 مئي، ٻيو 30 مئي ۽ ٽيِن ۽ آخري ميچ پهرين جون تي کيڏي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.