مورو (ويب ڊيسڪ) سنڌو درياهه مان ڪئنالن ڪڍڻ ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف احتجاج دوران پوليس جي فائرنگ ۾ شهيد ٿيندڙ قومپرست نوجوان ڪارڪن عرفان لغاري جو لاش وارثن کي ٻئي ڏينهن به نه ملي سگهيو.
وارثن جو چوڻ آهي ته پوليس گذريل ڏينهن حيدرآباد سول اسپتال مان عرفان لغاري جو لاش زبردستي کڻي وئي هئي، پر اڃا تائين لاش واپس نه ڏنو ويو آهي.
هنن وڌيڪ چيو ته کين اڃا تائين لاش نه مليو آهي، هو بنا لاش جي تڏو وڇايون ويٺا آهيون. و
واضح رهي ته مورو واري واقعي ۾ فوتين جو انگ وڌي ٻه ٿي ويو آهي. ان کان اڳ نوجوان زاهد لغاري به پوليس فائرنگ ۾ زخمي ٿيڻ بعد زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي چڪو آهي.
ياد رهي ته احتجاج دوران پوليس سان جهيڙن ۾ عرفان لغاري سخت زخمي ٿي پيو هو، جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد سول اسپتال جي آءِ سي يو وارڊ ۾ داخل ڪيو ويو هو، جتي هو ٽن ڏينهن تائين موت سان جنگ وڙهندو رهيو، پر گذريل ڏينهن سندس ساهه ٽٽي ويو ۽ هو شهيد ٿي ويو.
مورو : شهيد عرفان لغاري جو مڙهه واپس نه ٿيو، بنا لاش جي تڏو وڇايون ويٺا آهيون: وارث
You might also like