ڪراچي (ويب ڊيسڪ) گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائينس (جي ڊي اي) طرفان اڳوڻي وفاقي ۽ اي اين پي سربراهه وزير مرتضيٰ جتوئي مٿان داخل ڪيل ڪيس جي سخت مذمت ڪئي وئي آهي.
جي ڊي اي طرفان جاري ڪيل بيان ۾ اڳواڻن صفدر عباسي، ذوالفقار مرزا، زين شاهه، سردار رحيم ۽ ٻين چيو آهي ته مرتضيٰ جتوئي خلاف داخل ڪيل ڪيس انتقامي ڪارروائي آهي.
هنن وڌيڪ چيو ته سياسي مخالفت جي بنياد تي اهڙيون ڪارروائيون قبول نه آهن ۽ جي ڊي اي ان عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪري ٿي.
اڳواڻن سپريم ڪورٽ ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کان مطالبو ڪيو آهي ته معاملي جو نوٽيس وٺي شفاف جاچ ڪرائي انصاف فراهم ڪيو وڃي.
You might also like