مورو (ويب ڊيسڪ) صوبائي گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار جي گهر تي حملي ۽ باهه ڏيڻ جي واقعن تي موري ۾ ڌار ڌار ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، جن ۾ سياسي اڳواڻن سميت ڪيترن ئي ماڻهن کي جوابدار طور نامزد ڪيو ويو آهي.
پ پ تعلقي صدر دوست علي سولنگي جي فرياد تي داخل ڪيل ڪيس ۾ 29 سڃاتل ۽ 45 اڻڄاتل ماڻهن کي نامزد ڪيو ويو آهي. ڪيس ۾ اين پي پي سربراهه غلام مرتضيٰٰ جتوئي، سندس ڀاءُ مسرور احمد جتوئي، باز محمد سيال، اعجاز لغاري، غازي لغاري سميت ٻين کي چرچ ڏيندڙ جوابدار طور شامل ڪيو ويو آهي.
ايف آءِ آر جي متن موجب، لنجار هائوس تي هٿياربندن لٺين، ڏنڊن، سروٽن، پٿرن ۽ مختلف آٽوميٽڪ هٿيارن سان حملو ڪيو، جوابدار چوندا رهيا ته کين غلام مرتضيٰٰ جتوئي، مسرور جتوئي، باز محمد سيال ۽ ٻين جو حڪم آهي ته لنجار هائوس کي ساڙيو وڃي.
ايف آءِ آر ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته حملي دوران لنجار هائوس ۾ ڀڃ ڊاهه ڪئي وئي، باهه ڏني وئي ۽ موجود ملازمن کي پڻ ڌمڪيون ڏنيون ويون.
ان کانسواءِ حڪومت جي طرفان به هڪ الڳ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ 14 سڃاتل ۽ 30 اڻڄاتل ماڻهن کي نامزد ڪيو ويو آهي.