چين جو پاڪستان جي خودمختياري ۽ علائقائي سلامتي جي تحفظ ۾ ساٿ ڏيڻ جو اعلان

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) چيني پرڏيهي وزير وانگ اي چيو آهي ته پاڪستان چين جي خودمختياري ۽ علائقائي سلامتي جي تحفظ ۾ ساٿ ڏيندو.
چين جي دوري تي ويل نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار پنهنجي چيني هم منصب وانگ اي سان ملاقات ڪئي.
ان موقعي تي چيني پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت ۾ پائيدار امن جي ڪوششن جي حمايت ڪيون ٿا، چين تڪرار ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ جي ڪوششن جي آجيان ڪري ٿو.
هن چيو ته گڏيل، ڊگهي جنگبندي ۽ بنيادي حل ڳولڻ جي حمايت ڪنداسين، پاڪستان جي خودمختياري ۽ علائقائي سلامتي جي تحفظ ۾ ساٿ ڏينداسين.
سندس چوڻ هو ته چين ۽ پاڪستان کي صنعت، زراعت، توانائي ۽ معدني ذخيرن جي شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ گهرجي، ٻنهي ملڪن کي دهشتگردي خلاف سهڪار ۾ به واڌ ڪرڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.