13 ورهين جي شاگردياڻي گرمي جي سَٽ نه سهندي فوت

لاهور (ويب ڊيسڪ) پي ڊي ايم اي چيو آهي ته بهاولنگر جي سرڪاري اسڪول ۾ شاگردياڻي گرمي جي سٽ نه سهندي فوت ٿي وئي.
پي ڊي ايم اي ترجمان موجب بهاولنگر جي علائقي هارون آباد جي سرڪاري اسڪول ۾ 13 ورهين جي ٻارڙي گرمي جي سٽ نه سهندي فوت ٿي وئي، هوءَ اٺين جماعت ۾ پڙهندي هئي.
ترجمان ٻڌايو ته ٻارڙي جي ڪلاس ۾ گرمي سبب طبعيت بگڙي وئي، هوءَ دل جي عارضي ۾ مبتلا هئي ۽ دل جو دورو پوڻ سبب گذاري وئي.
ترجمان موجب ٻارڙي سخت گرمي سبب ڪلاس روم ۾ بيهوش ٿي وئي، کيس اسپتال نيو ويو پر هوءَ نه بچي سگهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.