واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي اخبار پنهنجي رپورٽ ۾ ٻڌايو آهي ته ڀارتي ميڊيا غزا ۾ ڌماڪن جون وڊيوز پاڪستان تي حملي طور هلايون.
آمريڪي اخبار موجب ڀارتي ميڊيا ڇڪتاڻ دوران رياستي پروپيگنڊا جو هٿيار بڻيل رهي، ڀارتي ميڊيا جي پروپيگنڊا ڀارتي جمهوري دعوائن کي شڪي بڻائي ڇڏيو.
آمريڪي اخبار چيو آهي ته انهن سڀني خبرن جو نه ڪو ثبوت موجود هو نه ئي ڪا آزاد تصديق، ڀارتي ميڊيا انهن دعوائن کي ائين پيش ڪيو، ڄڻ اهي حتمي حقيقتون هجن.
ڀارتي صحافي راج ديپ اعتراف ڪيو ته پاڪستاني جهاز ڪيرائڻ جي خبر غلط هئي، ڀارتي حڪومت سچ ڳالهائيندڙن خلاف ڪريڪ ڊائون به ڪيو.
ڀارتي حڪومت جي قانوني درخواست تي 8 هزار کان وڌيڪ اڪائونٽن کي بلاڪ ڪيو ويو، جن ۾ اڪثريت پاڪستاني اڪائونٽن جي آهي.
You might also like