نيويارڪ (ويب ڊيسڪ) مشهور آمريڪي اخبار نيويارڪ ٽائمز پاڪستان جي آپريشن” بنيان مرصوص“ کي ڀارت خلاف وڏي ڪاميابي قرار ڏئي ڇڏيو.
اخبار موجب، پاڪستان گذريل ڪيترن ئي سالن کان سياسي ۽ معاشي بحرانن جو شڪار رهيو، پر ڀارت سان تازي ڇڪتاڻ عوامي جذبن کي هڪ نئين رخ ڏنو.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ”آپريشن بنيان مرصوص“ سان نه رڳو پاڪستاني فوج جي وقار ۾ اضافو ٿيو، پر ملڪ جي سلامتي بابت هڪ نئين اعتماد جي لهر پڻ پيدا ٿي.
نيويارڪ ٽائمز لکيو ته پاڪستان ڀارت جي فوجي اڳرائي جو منهن ٽوڙ ڏيندي وڏي جنگ کان بچڻ لاءِ جنگبنديءَ جي آڇ قبول ڪئي.
رپورٽ موجب، ڀارت طرفان پهلگام جي واقعي جو الزام پاڪستان تي مڙهي اڳرائي ڪئي وئي، پر پاڪستاني فضائي فوج ڀارتي جهازن کي ڪيرائي عالمي سطح تي پاڻ مڃايو.
اخبار موجب، پاڪستان جي ڪامياب حڪمت عملي ۽ ڀارت کي مليل موٽ جواب کانپوءِ سڄي ملڪ ۾ پاڪ فوج جي حمايت ۾ ريليون ڪڍيون ويون.
آمريڪي ميڊيا ڀارت خلاف ” آپريشن بنيان مرصوص“ کي پاڪستان جي ڪاميابي قرار ڏئي ڇڏيو
You might also like