محمد رضوان” وِن آ يا لَرن “ ڇو چيو؟ بابر اعظم ٻڌائي ڇڏيو

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي تجربيڪار بيٽر ۽ پي ايس ايل فرنچاز پشاور زلمي جي ڪپتان بابر اعظم قومي ٽيم جي ڪپتان محمد رضوان جي حمايت ۾ ميدان تي اچي ويو.
پشاور زلمي جي يوٽيوب چينل تي ڳالهائيندي بابر اعظم چيو ته محمد رضوان طرفان ”وِن اينڊ لرن“ (کٽڻ يا سکڻ) واري بيان کي غلط انداز سان پيش ڪيو ويو، جڏهن ته رضوان اها ڳالهه شڪست کانپوءِ هاڪاري سوچ اجاگر ڪرڻ لاءِ ڪئي هئي، رضوان مٿان ٿيندڙ تنقيد بي مطلب آهي.
هن چيو ته اسان وٽ ماڻهو پنهنجن کي ئي هيٺ ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، جڏهن ته دنيا ۾ رانديگرن جي ذهني صحت کي وڏي اهميت ڏني وڃي ٿي، پر اسان وٽ نه ته ان ڪو تصور آهي ۽ نه ئي ان تي ڪو ڪم ٿئي ٿو.
هن افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته جيڪڏهن ڪنهن جو زوال اچي ٿو ته ان کي سنڀالڻ بدران ويتر پوئتي ڌڪيو ويندو آهي، ان مٿان ميمز ٺاهي تماشو بڻايو ويندو آهي.
بابر اعظم چيو ته رضوان هڪ مضبوط ماڻهو آهي، مٿس ميمز ڪو اثر نٿو پوي، ماڻهن کي پنهنجي راءِ ڏيڻ جو حق آهي، پر ان جو مطلب اهو ناهي ته ڪنهن کي آٿت ڏيڻ بدران ان جي بي عزتي ڪئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.