اسٽيٽ بئنڪ جو ڪرنسي نوٽن جي بندش بابت اهم بيان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان پين سان لکيل ڪرنسي نوٽن بابت ميڊيا تي هلندڙ خبرن تي وضاحت جاري ڪندي انهن کي بي بنياد قرار ڏئي ڇڏيو آهي.
اسٽيٽ بئنڪ جي ترجمان نور احمد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اليڪٽرانڪ ميڊيا تي اسٽيٽ بئنڪ جي نالي سان هلندڙ خبرن ۾ ڪا به صداقت ناهي.
ترجمان موجب، پين سان لکيل تحرير وارا نوٽ پهرين جولاءِ کان استعمال جوڳا نه هئڻ بابت اسٽيٽ بئنڪ طرفان ڪوبه نوٽيفڪيشن جاري نه ڪيو ويو آهي.
هن وڌيڪ ٻڌايو ته اسٽيٽ بئنڪ ان حوالي سان 2014ع ۾ آخري ڀيرو هدايتون جاري ڪيون هيون.
ترجمان چيو ته ڪرنسي نوٽ ملڪ جو قومي اثاثو آهي ۽ ان جي حفاظت هر شهري جي ذميواري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.