سرڪاري اسڪولن ۾ شاگردن کي مفت کاڌو، سنڌ سرڪار نئون پروگرام شروع ڪري ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت طرفان پٺتي پيل علائقن جي سرڪاري اسڪولن ۾ پڙهندڙ ٻارن کي مفت، متوازن ۽ غذائيت سان ڀرپور کاڌو فراهم ڪرڻ لاءِ ”اسڪول کانا پروگرام“ جي شروعات ڪئي وئي آهي.
پروگرام جو افتتاح سنڌ جي تعليم واري وزير سيد سردار علي شاهه گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول مراد ميمڻ ۾ ڪيو، جتي هن پاڻ ٻارن کي کاڌو پيش ڪري مهم جي شروعات ڪئي.
هي پروگرام سنڌ حڪومت جي تعليم کاتي ۽ مشهور فلاحي اداري ”الله والا ٽرسٽ“ جي گڏيل سهڪار سان شروع ڪيو ويو آهي.
پهرئين مرحلي ۾ سنڌ جي مختلف پٺتي پيل علائقن ۾ 70 هزار کان وڌيڪ ٻارن کي روز هڪ وقت مفت کاڌو مهيا ڪيو ويندو.
افتتاحي تقريب دوران سيد سردار علي شاهه خطاب ڪندي چيو ته ٻارن جي تعليمي ڪارڪردگي جو سڌو تعلق سندن غذائي صورتحال سان آهي، غذائي کوٽ سبب ٻار سٺي نموني سکڻ کان لاچار رهن ٿا، اسان اسڪول کاڌي پروگرام ذريعي انهن جون بنيادي غذائي ضرورتون پوريون ڪرڻ چاهيون ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.