ڪراچي (رپورٽر) گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس (GDA) جي ڪور ڪميٽي جو اهم اجلاس پير صاحب پاڳاري جي صدارت ۾ راجا هائوس ۾ ٿيو. اجلاس ۾ پير سيد صدر الدين شاهه راشدي، مرتضى خان جتوئي، سيد زين شاهه، ڊاڪٽر صفدر علي عباسي، ڊاڪٽر فهميده مرزا، سيد مظفر حسين شاهه، ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا، احسان جتوئي، راحيلا مگسي، مظهر راهوجو، مظفر بروهي، سائرا بانو، ارباب ابراهيم ۽ ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ سنڌ جي عوام طرفان ڪينالن جي منصوبي خلاف تاريخي جدوجهد تي خراج تحسين پيش ڪيو ويو. جي ڊي اي جي قيادت واضع ڪيو ته سنڌ ۾ ڪينالن جو منصوبو ڪنهن به صورت قبول نه ٿيندو.ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جهڙن فيصلن کي پڻ رد ڪيو ويو جي ڊي اي جي قيادت سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ هارين کي بي گهر ڪرڻ واري عمل کي ناقابل قبول قرار ڏنو ۽ ان جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي. گڏوگڏ، ڀارت طرفان سنڌ طاس معاهدي جي معطلي کي غير قانوني ۽ بين الاقوامي قانونن جي خلاف ورزي قرار ڏنو ويو. پاڪستان حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ کان اميد ظاهر ڪئي وئي ته ڀارت کي اهو فيصلو واپس وٺڻ تي مجبور ڪيو ويندو ۽ راوي ۽ ستلج جي عوام جي حقن کي تسليم ڪيو ويندو. جي ڊي اي قيادت آئين ۽ قانون جي بالادستي تي زور ڏيندي چيو ته 26هين آئيني ترميم آئين جي بنيادن کي ڪمزور ڪيو آهي، جڏهن ته پيڪا ايڪٽ ۾ ترميمن سان صحافتي آزاديءَ تي سخت وار ڪيو ويو آهي ڪراچي ۾ وڌندڙ گرمي دوران پاڻي جي شديد ۽ ٽينڪر مافيا جي وڌندڙ قيمتن تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو. جي ڊي اي جي ڪور ڪميٽي مستقبل ۾ ٻين اپوزيشن ڌرين سان رابطن ۾ رهڻ ۽ قومي ايجنڊا تي گڏيل گڏيل حڪمت عملي جوڙي ويندي.