ممبئي (ويب ڊيسڪ) پريتي زنٽا انڊين پريميئر ليگ (آءِ پي ايل) ۾ پنجاب ڪنگز جي شريڪ مالڪڻ هئڻ جي ناتي سوشل ميڊيا سيشن دوران هڪ واهپيدار جي سوال تي تپي باهه ٿي وئي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، واهپيدار کائنس سوال ڪيو هو ته ” ڇا گلين ميڪسويل شادي نه ڪرڻ سبب توهان جي ٽيم طرفان بهترين ڪارڪردگي نه پيو ڏيکاري؟“
جنهن تي پريتي زنٽا کيس سخت لهجي ۾ جواب ڏيندي چيو ته ؟ ڇا اهڙو ئي سوال مرد ٽيم مالڪن کان به پڇيو ويندو؟ يا رڳو عورتن سان ئي اهڙو امتيازي ورتا ڇو ڪيو وڃي ٿو؟ “
هن ان ڳالهه تي زور ڏيندي چيو ته ” 18 سالن جي محنت کانپوءِ مان هن هن تائين پهتي آهيان ۽ صنفي اڻبرابري واري روش کان پاسو ڪرڻ گهرجي.“
واضح رهي ته پريتي زنٽا جي فرنچائز پنجاب ڪنگز هن وقت آءِ پي ايل پوائنٽس ٽيبل تي 11 ميچن مان ست ميچون کٽيون آهن ۽ ٽن ۾ ان کي شڪست جو منهن ڏسڻو پيو آهي، پوائنٽس ٽيبل تي ٽيم جي ٽِين پوزيشن آهي.