جيڪڏهن توهان پنهنجي آءِ فون جي بيٽري لائيف بابت پريشان آهيو؟ ته خوشخبري آهي ته تمام جلد توهان جو آءِ فون وڌيڪ وقت تائين ڪم ڪندو ۽ ان کي آرٽيفيشل انٽيليجنس (اي آءِ) ٽيڪنالاجي ممڪن بڻائيندي.
بلومبرگ جي هڪ رپورٽ موجب، ايپل پنهنجي نئين آپريٽنگ سسٽم آءِ او ايس 19 ۾ هڪ اي آءِ فيچر متعارف ڪرائڻ وارو آهي جيڪو بيٽري لائيف کي بهتر بڻائيندو.
هن فيچر سان آءِ فون جي بيٽري پاور کي وڌيڪ اثرائتي نموني استعمال ڪيو ويندو، هي فيچر آءِ فون جي بيٽري ڊيٽا کي استعمال ڪندي سمجهي سگهي ٿو ته توهان ڊيوائس کي ڪيئن استعمال ڪري رهيا آهيو ۽ توهان کي ٻڌائيندو ته ڪهڙيون ايپس يا فيچرز بيٽري لائيف کي وڌيڪ چوسي رهيون آهن ۽ انهن کي ڪيئن روڪي سگهجي ٿو.
گوگل اهڙي ئي قسم جو فيچر 2018ع ۾ پنهنجي اينڊرائيڊ فونز لاءِ ”اڊاپٽيٽو بيٽري“ جي نالي سان متعارف ڪرايو هو، جيڪو واهپيدارن جي ڊيوائس استعمال ڪرڻ جي طريقي جو تجزيو ڪري بيٽري ڪارڪردگي کي بهتر بڻائي ٿو .
آءِ او ايس 19 سيپٽمبر ۾ آءِ فون 17 سيريز سان متعارف ڪرايو ويندو، جنهن ۾ لاڪ اسڪرين لاءِ هڪ انڊيڪيٽر پڻ شامل هوندو جيڪو توهان کي ٻڌائيندو ته مڪمل چارج تي فون ڪيتري وقت تائين هلندو.
رپورٽ ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو ته ايپل آءِ فون 17 سيريز لاءِ اي آءِ بيٽري مئنيجمينٽ پڻ متعارف ڪرائي رهيو آهي، جيڪو خاص طور تي آءِ فون 17 ايئر لاءِ تيار ڪيو ويو آهي، ڇاڪاڻ ته اهو ايپل جو سڀ کان سنهو فون هوندو ۽ ان جي ڊيزائن جي ڪري ان جي بيٽري ٻين ماڊلز جي ڀيٽ ۾ ننڍي هوندي.
ان باوجود، هي مصنوعي ذهانت واري ٽيڪنالاجي سان ليس بيٽري ٽول انهن مڙني آءِ فونز تي دستياب هوندو جيڪي آءِ او ايس 19 تي اپڊيٽ ٿي سگهن ٿيون.
You might also like