جنگبندي جي فيصلي کي قبول ڪيو آهي پر… ڀارتي بچاءُ واري وزارت چڙڏياريندڙ بيان ڏئي ڇڏيو

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي بچاءُ واري وزارت نئين دهلي ۾ هڪ اهم پريس بريفنگ دوران اعلان ڪيو آهي ته ڀارتي فوج، نيوي ۽ ايئر فورس پاڪستان سان طئي ٿيل اڄوڪي جنگبندي معاهدي تي مڪمل عملدرآمد ڪنديون، پر ڀارت جي سالميت جي حفاظت لاءِ فوجون مڪمل الرٽ رهنديون.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، ڀارتي نيوي جي ڪموڊور راگھو نائر چيو ته ”اسان جنگبندي جو احترام ڪنداسين، پر ڀارت جي سرحدن ۽ خودمختياري جي حفاظت لاءِ فوجون تيار آهن.“
بريفنگ دوران ڀارتي فوج جي ڪرنل صوفيه قريشي پاڪستان طرفان هلندڙ آپريشن ”بُنيان مرصوص” دوران ڀارتي هوائي دفاعي نظام ايس400 کي تباهه ڪرڻ واري دعويٰ کي رد ڪندي چيو ته ”اها خبر بي بنياد آهي.“

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.