اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ فوري جنگبندي تي اتفاق ٿي ويو آهي، جنهن جي تصديق پاڪستان جي پرڏيهي وزير ۽ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ ڪئي آهي.
اسحاق ڊار پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته”پاڪستان هميشه خطي ۾ امن ۽ سلامتي لاءِ پتوڙيو آهي ۽ پنهنجي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت تي ڪڏهن به سمجهوتو ناهي ڪئي.“
ان کان اڳ نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي به اسحاق ڊار پاڪستان ۽ ڀارت ترت سيز فائر جي تصديق ڪئي هئي.
سندس چوڻ هو ته جنگ ڪنهن به مسئلي جو حل ناهي ۽ اڄ شام ساڍي چئن وڳي کان جنگبندي تي عملدرآمد شروع ٿي ويو آهي.
واضح رهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو چوڻ آهي ته ڀارت ۽ پاڪستان ترت جنگبندي تي راضي ٿي ويا آهن.
پنهنجي سوشل ميڊيا بيان ۾ ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته آمريڪا جي ٽياڪڙي سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ فوري جنگبندي تي اتفاق ٿيو آهي.
آمريڪي صدر موجب، ڀارت ۽ پاڪستان مڪمل ۽ فوري جنگ بندي تي رضامندي ظاهر ڪئي آهي.
ڊونلڊ ٽرمپ ٻنهي ملڪن کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت هوش ۽ ڏاهپ جو مظاهرو ڪيو آهي.