اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني عمران خان جي پيرول تي آزادي لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي وئي آهي.
خيبرپختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور طرفان داخل ڪيل درخواست ۾سيڪريٽري داخلا، پنجاب جو هوم سيڪريٽري، سينٽرل جيل اڊيالا جو سپرنٽنڊنٽ ۽ آءِ جي جيل کي ڌر بڻايو ويو آهي.
درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته پاڪستان کي ڀارتي حڪومت جي جارحيت کي منهن ڏئي رهيو آهي ۽ مختلف شهرن ۾ ڊرون حملن جي ڪري پي ٽي آءِ باني جي حياتي کي جيل ۾ خطرو آهي.
درخواست ۾ چيو ويو آهي ته مودي، سينٽرل جيل اڊيالا کي به ڊرون حملي لاءِ اهم ٽارگيٽ طور ڏسي سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته جڏهن پي ٽي آءِ باني وزيراعظم هو ته مودي کي عالمي سطح تي شرمساري جو منهن ڏسڻو پيو هو.
درخواست موجب، پنجاب جي گهرو کاتي کي به ان معاملي بابت درخواست ڏني وئي، پر ان ڪا به ڪارروائي نه ٿي، تنهنڪري عدالت کان درخواست ڪئي وئي آهي ته هو حڪم جاري ڪري.
درخواست ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ باني جيل ۾ قيد دوران قيد خاني جي ضابطن جي ڪا به ڀڃڪڙي نه ڪئي آهي، سياسي بنيادن تي داخل ڪيل ڪيسن سبب سندن بنيادي حق متاثر ٿي رهيا آهن ۽ صحت بابت به خدشا پيدا ٿي رهيا آهن، اهڙي صورتحال ۾ پيرول تي آزادي لاءِ آئين ۾ گنجائش موجود آهي.
درخواست ۾ پي ٽي آءِ باني طرفان پڪ ڏياري وئي آهي ته هو پيرول جي شرطن تي عملدرآمد ڪندو، درخواست ۾ چيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ باني جي پيرول تي آزادي قوم کي متحد ڪرڻ لاءِ تمام اهم آهي.
اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خيبرپختونخوا جي وڏي علي امين گنڊاپور چيو ته قومي سلامتي واري اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني سان ملاقات کانپوءِ ئي ممڪن آهي.
هن چيو ته مودي جي ظلمن خلاف هميشه پي ٽي آءِ باني آواز بلند ڪيو آهي، هو اسان جو ليڊر آهي ۽ رهنمائي لاءِ ملاقات ضروري آهي.
” مختلف شهرن ۾ ڀارتي ڊرون حملن سبب عمران خان جي حياتي کي خطرو“ پي ٽي آءِ باني جي آزاديءَ جي درخواست داخل
You might also like