ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ اڄ مسلسل ٻئي ڏينهن به سون جي قيمت ۾ وڏي لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، اڄ في تولو سون 18 سئو رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ 3 لک 50 هزار 9 سئو رپين جو ٿي ويو آهي.
ايسوسيئيشن موجب، ڏهه گرام سون 1543 رپيا گهٽجڻ کانپوءِ 3 لک 840 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ به في اونس سون جي قيمت 18 ڊالر لاٿ کانپوءِ 3 هزار 3 سئو 25 ڊالرز آهي.
You might also like