” پاڪستان پنهنجي دفاع ۾ قدم کنيا آهن، اڃا يو اين چارٽر تحت جواب جو حق استعمال ناهي ڪيو“

نيويارڪ (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي گڏيل قومن لاءِ سفير عاصم افتخار چيو ته هي علائقو، خاص طور تي ڪشمير، هڪ نيوڪليئر فليش پوائنٽ طور سڃاتو وڃي ٿو، جڏهن ته برطانوي اخبار ڪشمير کي جغرافيائي سياسي فالٽ لائين قرار ڏنو آهي، پاڪستان هڪ ذميوار ايٽمي رياست طور واضح موقف رکي ٿو.
ترڪ ميڊيا سان ڳالهائيندي عاصم افتخار چيو ته 6 ۽ 7 مئي جي رات ڀارت اسان تي حملو ڪيو، ڀارتي حملي کان پوءِ اسان جيڪي به قدم کنيا.
هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان جيڪي قدم کنيا اُهي جوابي ڪارروائيون هيون، جڏهن ته پاڪستان اڃا تائين گڏيل قومن جي چارٽر جي آرٽيڪل 51 تحت جواب ڏيڻ جو حق استعمال نه ڪيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.