ايڪهين صديءَ جي شروعات ۾ جڏهن بل گيٽس ۽ ملينڊا گيٽس ”گيٽس فائونڊيشن“ جو بنياد رکيو، تڏهن انهن جي رٿا هئي ته هي ادارو ڊگهي عرصي تائين هلندو.
بل گيٽس جو منصوبو اِهو هو ته سندس موت کانپوءِ به هي ادارو پنهنجو ڪم جاري رکندو ۽ هن جي دولت ڪيترن ئي ڏهاڪن تائين خيراتي ڪم ۾ خرچ ٿيندي.
پر هاڻي مائيڪرو سافٽ جي باني چيو آهي ته هو پنهنجي دولت عطيو ڪرڻ لاءِ وڌيڪ اوسيئڙو نٿو ڪرڻ چاهي.
هڪ بلاگ پوسٽ ۾ هن اعلان ڪيو آهي ته هو پنهنجي سڄي دولت (160 ارب ڊالرز کان وڌيڪ) ورهائي ڇڏيندو.
بل گيٽس جو ڪاٿو آهي ته ايندڙ 20 سالن دوران يا 31 ڊسمبر 2045ع کان اڳ اِهو عمل مڪمل ٿي ويندو.
بل گيٽس اعلان ان وقت سامهون آيو آهي جڏهن آمريڪي حڪومت صحت، پرڏيهي امداد ۽ ٻين عوامي ڀلائي جي رٿائن جي فنڊن ۾ گهٽتائي ڪري رهي آهي، جڏهن ته گيٽس فائونڊيشن انهن سڀني مقصدن لاءِ ڪم ڪري ٿي.
بل گيٽس چيو آهي ته سندن اداري جو مقصد عالمي صحت ۽ برابري لاءِ قدم وڌائڻ آهي ۽ هو اميد رکي ٿو ته ٻين امير ماڻهن لاءِ به مثال بڻبو.
You might also like