پاڪستان خلاف نه کيڏڻ جو مطالبو، جيئن حڪومت چوندي تيئن ڪنداسين: راجيو شُڪلا

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ ( بي سي سي آءِ ) جي نائب صدر راجيو شُڪلا جو پاڪستان سان ڪرڪيٽ لاڳاپا ختم تي ردعمل سامهون آيو آهي.
بي سي سي آءِ جي نائب صدر راجيو شُڪلا ان تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته ” اسان پهلگام حملي جي متاثرن سان گڏ آهيون، حڪومت جيڪو فيصلو ڪندي اسان عمل ڪنداسين.“
راجيو شڪلا اِهو به واضح ڪيو ته پاڪستان سان ٻه طرفي سيريز ته نه ٿيندي پر آءِ سي سي ايونٽن ۾ ڀارتي ٽيم پاڪستان خلاف ضرور ميدان ۾ لهندي.
ياد رهي ته پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ آخري ٻه طرفي سيريز 2012 ۾ کيڏي وئي هئي، جنهن کانپوءِ ٻئي ٽيمون رڳو آءِ سي سي ۽ ۽ ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل جي مقابلن ۾ هڪٻئي سان مهاڏو اٽڪائينديون آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.