پاڪ-ڀارت جنگي صورتحال: پاڪستان ۾ ” ايڪس “ سروس بحال

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪ-ڀارت جنگي صورتحال کي نظر ۾ رکندي پاڪستان ۾ ” ايڪس “ تي مڙهيل پابندي ختم ڪري سروس بهال ڪئي وئي آهي.
پاڪستان ۾سماجي رابطن مشهور پليٽ فارم ” ايڪس “ (اڳوڻو ٽوئيٽر ) کي هڪ سال کان وڌيڪ عرصو بند رهڻ کانپوءِ نيٺ بحال ڪيو ويو آهي.
فيبروري 2024 ۾ بند ڪيل سروس جي بحالي کي هڪ اهم اڳڀرائي قرار ڏنو پيو وڃي.
واهپيدار هاڻي بنا ڪنهن وي پي اين يا بيڪ ڊور ذريعن جي ” ايڪس “ استعمال ڪري سگهن ٿا.
حڪومتي ذريعي موجب، ايڪس تي مڙهيل پابندي جو مقصد هن تنهن وقت ملڪ ۾ پکڙيل غلط معلومات، حساس مواد ۽ سياسي ڇڪتاڻ دوران قومي سلامتي کي پيش خطرن کي منهن ڏيڻ هو.
پاڪستان ۾ ايڪس تي پابنديءَ کانپوءِ ملڪي ۽ عالمي سطح تي سخت ردعمل سامهون آيو هو، انساني حقن جي تنظيمن ، صحافين، شاگردن ۽ سوشل ميڊيا واهپيدارن ان فيصلي کي اظهار جي آزادي تي راتاهو قرار ڏنو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.