دوحا (ويب ڊيسڪ) قطري وزيراعظم محمد بن عبدالرحمان بن جاسم پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ وڌندڙ تڪرار کي گهٽائڻ لاءِ پاڪستان جي قدمن جي حمايت ڪندي چيو آهي ته قطر خطي ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ واري پاليسي جو حامي آهي ۽ اميد آهي ته سفارتي ڪوششن سان صورتحال بهتر ٿي ويندي.
قطري وزيراعظم محمد بن عبدالرحمان بن جاسم وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپن ۽ خطي جي سيڪيورٽي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون.
قطري وزيراعظم پاڪستان جي وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت جي واکاڻ ڪندي چيو ته هو ملڪ جي معيشت کي صحيح رخ تي آڻڻ لاءِ محنت ڪري رهيو آهي.
ان موقعي تي گهرو وزير محسن نقوي قطري وزيراعظم کي ڀارت جي جارحاڻن قدمن کان آگاهه ڪندي چيو ته پهلگام واقعي جي اڻڌري جاچ جي پاڪستان جي آڇ اسان جي اصولي موقف کي وڌيڪ مضبوط بڻائي ٿي.
Prev Post
You might also like