اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)وزيراعظم شهباز شريف سان بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي وفد ملاقات ڪئي.
ذريعن موجب، ملاقات دوران پيپلز پارٽي جي خدشن بابت وزيراعظم کي آگاهه ڪيو ويو، جڏهن ته انهن خدشن جي حل لاءِ جوڙيل ڪميٽي جي اڳڀرائي بابت به بريفنگ ڏني وئي.
ملاقات ۾ پاڪ-ڀارت ڇڪتاڻ ۽ ڀارت جي آبي جارحيت بابت کڻيل قدمن تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون.
ذريعن موجب، ملاقات دوران ايندڙ وفاقي بجيٽ تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ پيپلز پارٽي طرفان بجيٽ لاءِ تجويزن تي به غور ڪيو ويو.
پيپلز پارٽي جي وفد ۾ سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه، بلوچستان جو وڏو وزير سرفراز بگٽي، ڪي پي جو گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي ۽ سيد نويد قمر شامل هئا.
جڏهن ته حڪومتي ٽيم ۾ مملڪتي گهرو وزير طلال چوڌري، ناڻي وارو وزير محمد اورنگزيب، بچاءُ وارو وزير خواجا آصف، وزيراعظم جي سياسي معاملن بابت صلاحڪار راڻا ثناءُ الله ۽ قومي اسيمبلي جو اسپيڪر اياز صادق شامل هئا.
You might also like