دبئي (ويب ڊيسڪ ) انٽرنيشل ڪرڪيٽ ڪائونسل ( آءِ سي سي ) سال 2025ع جي سالياني ٽيم رينڪنگ اپڊيٽ جاري ڪري ڇڏي.
تازي رينڪنگ موجب، سريلنڪا ٽنهي فارميٽن ۾ پاڪستان کان اڳتي نڪري ويو آهي.
پاڪستان ٽيسٽ رينڪنگ ۾ ستين، ون ڊي ۾ پنجين ۽ ٽي ٽوئنٽي ۾ اٺين نمبر هليو ويو آهي.
آسٽريليا ٽيسٽ فارميٽ ۾ پنهنجي حڪمراني برقرار رکي جڏهن ته ڀارت ۽ ون ڊي ۽ ٽوئنٽي ۾ ٽاپ پوزيشن پنهنجي نالي ڪئي.
سالياني اپڊيٽ رينڪنگ ۾ آسٽريليا 126 ريٽنگ پوائنٽس سان ٽيسٽ رينڪنگ ۾ پهرئين نمبر تي موجود آهي، پر ان جي سرسي هاڻي رڳو 13 پوائنٽس رهجي وئي آهي.
ٽيسٽ رينڪنگ ۾ انگلينڊ شاندار واپسي ڪندي 113 پوائنٽ سان ٻي پوزيشن ماڻي ورتي آهي، جڏهن ته ڏکڻ آفريڪا ٽئين ۽ ڀارت چوٿين نمبر تي موجود آهن.
آءِ سي سي سالياني رينڪنگ ۾ نيوزيلينڊ پنجين، سريلنڪا ڇهين ۽ پاڪستان ستين نمبر تي هليو ويو آهي.
ون ڊي فارميٽ ۾ ڀارت چيمپيئنز ٽرافي کٽڻ کانپوءِ 124 ريٽنگ پوائنٽس سان پهرين پوزيشن وڌيڪ مضبوط ڪري ورتي آهي.
نيوزيلينڊ فائنل ۾ رسائي سبب ترقي پاڻي ٻيو نمبر حاصل ڪيو جڏهن ته آسٽريليا جي ٽِين پوزيشن آهي.
اپڊيٽ رينڪنگ ۾ سريلنڪا چوٿين ۽ پاڪستان پنجين نمبر تي موجود آهي.
ٽي ٽوئنٽي فارميٽ ۾ به ڀارت جي بادشاهي آهي جتي هن پنهنجي نمبر هڪ پوزيشن برقرار رکي آهي، آسٽريليا ٻئي نمبر موجوڊ آهي جڏهن ته سريلنڪا جي رينڪنگ ۾ بهتر نظر آئي ۽ ستون نمبر حاصل ڪري ورتو جڏهن ته پاڪستان هڪ درجو وڃائڻ کانپوءِ اٺين نمبر تي هليو ويو.
You might also like